سنڌو نگر جا سنڌي

سنڌو نگر جا سنڌي

سنڌو نگر جا سنڌي

سنڌو نگر جا سنڌي (ڪتاب): هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي برک ليکڪ ۽ شاعر ارجن ’سڪايل‘ جو لکيل آهي، جنهن ۾ هن مهاراشتر رياست جي سنڌي وسندي ’سنڌو نگر‘ (الهاس نگر) جي تاريخ ۽ ترقيءَ سان گڏ سنڌو نگر ۾ سنڌيت جي هلچل بيان ڪرڻ کانپوءِ ’ياد رفتگان‘ عنوان هيٺ سنڌو نگر جي شاعرن، ڀڳتن، فنڪارن، اديبن، شاعرن، واپارين، سماجي ڀلائيءَ جي خدمتگارن، ڊاڪٽرن استادن، پرنسپالن، بئنڪارن، شهيد هيمون ڪالاڻي ۽ ان جي مجسمي جي مهورت ۽ ٻيو کوڙ سارو حال احوال تفصيلي طرح بيان ڪيو آهي. ڄڻ ته هن ڪتاب ۾ سنڌو نگر جي سنڌين جي تعليمي، ادبي، سماجي، سياسي ۽ تهذيبي زندگيءَ جو نقشو شامل ڪيو ويو آهي. ڪتاب رنگين ۽ بليڪ ائنڊ وائيٽ تصويرن سان سينگاريل آهي. ڊيمي سائيز جي 200 کن صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، سنڌي ڪتاب گھر، سنڌو نگر پاران 1995ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن جي قيمت 100 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو